اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني ??حت جي ??رضن جي روڪٿام ۽ علاج جي ??اءِ سمورين ڌرين بشمول وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ڪميونٽي ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني ??حت ??ان لاڳاپيل مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته ايتري وڏي آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ ملڪ ۾ رڳو 500 کان 600 ذهني ??حت ??ا ماهر دستياب آهن، ذهني ??حت جي ??ڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ نيشنل هيلٿ پروفيشنلز جي انگ ۾ اضافي کانسواءِ صحت جي ??اهرن جي ??ڻ تربيت جي ذريعي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر وڊيو لنڪ ذريعي ذهني ??حت ??ابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پاڪستاني ??مريڪن سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (پي اي پي اي اين اي) جي صدر ڊاڪٽر محمد ذيشان، نيشنل ڪميشن آف هيومن رائيٽس،ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو ۽ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي ??مائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ويل ڪارنيل ميڊيڪل ڪاليج ۾ سائيڪاٽري جي شعبي جي چيئر پروفيسر ڊاڪٽر ايم وقار عظيم، نيواڊا ي??ني??رسٽي ۾ سائيڪاٽري جي ??روفيسر ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مجيب شاهد، هيوسٽن ڪي بيلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ سائيڪاٽري جي ايگزيڪيوٽو وائيس چيئر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عاصم شاهه، ڊائريڪٽر مسلم مينٽل هيلٿ ڪنسوريشم پروفيسر ڊاڪٽر فرح عباسي، هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي چائلڊ فيلوشپ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غياله قيوم ۽ ي??ني??رسٽي آف ميسوري اسڪول آف ميڊيسن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ريزيڊنسي اينڊ ايڊڪشن فيلوشپ ڊاڪٽر نعمان اشرف اجلاس ۾ ورچوئل طور شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ذهني ??حت جي ??سئلن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مختلف تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ بيمارين بابت شعور پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي دماغي صحت ??ابت آگاهي ڏيڻ، ان سان واڳيل منفي تصورن کي ختم ڪرڻ ۽ ذهني ??حت جي ??ريضن کي معياري مشاورت ۽ علاج فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ صحت جي ??يشيور ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت تي پڻ زور ڏنو. هنن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ڪوششن کي نتيجاخيز بڻائڻ جي ??اءِ مختلف ڌرين جي ??چ ۾ هڪ مرڪزي رابطاڪاري جو طريقيڪار پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ قومي آٽزم پلان تيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پمز مان پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج اجلاس کي ٻڌايو ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پمز ۾ آٽزم سينٽر قائم ڪيو آهي ۽ اهو صوبن ۽ ٻين اسپتالن جي ??اءِ هڪ رول ماڊل هوندو. صدر دماغي صحت ??ابت قدمن جي حمايت ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ميڊيڪل پروفيشنلز خاص طور تي پاڪستاني ??مريڪن سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن جو شڪار آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará