اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ آئيوري ڪوسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو ??هي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ڪوسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ?? ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪ??تا?? آئيوري ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ڪوسٽ جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪ??تا?? جو دورو ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪ??تا?? 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيوري ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ??تا?? سدائين آئيوري ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي ??هي. هن آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪ??تا?? ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ??هي. صدر وفد سان آئيوري ڪوسٽ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪ??تا?? سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن پاڪ??تا?? حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.
صدر سان آئيوري ڪوسٽ جي پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔