اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن م??جب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سا?? ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ??شم??ري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سا?? گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي مظلوم عوام گذريل 75 سا??ن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ??شم??رين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سا?? ??شم??رين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن م??هائڻ جو مقصد مظلوم ??شم??ري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سا?? عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏيل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سا?? اڳ ڪيا هئا ته جيئن ??شم??ري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن م??جب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil