اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائ?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائ?? جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏ??ها??ين تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏ??ها??ين جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيد?? جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گه?? عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج