اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل مفادن وا??ي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب گڏيل مفادن وا??ي ڪائونسل وزيراعظم جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٽن نامزد وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي. ڪائونسل ۾ ٽي وفاقي وزير آرٽيڪل (2) 153 تحت وزيراعظم طرفان نامزد ڪيا ويا آهن. منصوبابندي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وا??و وزير سيد نويد قمر ۽ ريلوي وا??و وزير خواجه سعد رفيق ميمبر طور مقرر ڪيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون