اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل عوامي نمائندن کي ??وام سان رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. ??زيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن ب??بت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فو??ي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي ??ه بهتر بڻائين.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری