اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اس??ن کي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير ??ماد اظهر، ناڻي واري وفاقي وزير ??وڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير ??يد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير ??يد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اس??ن کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي اسان ج?? دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن چيو ته اس??ن کي اهڙن روانگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ۾ پائيدار اضافي جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ??ن کان اڳ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.
روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا