اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ترجيحي بنيادن تي ??اڪ??تان ۾ چيني واپار جي سپورٽ ڪنداسين ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ چين جي گهري دلچسپي جا ٿورائتا آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي چيني واپارين جي هڪ وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو جنهن جي قيادت چيني ڪمپني چيلينج فيشن پرائيويٽ لميٽيڊ جي نمائندي مادام چن يان ڪري رهي هئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين نه رڳو ماضي يا حال ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن پر اهي اسان جي مستقبل جي نسلن جي ذريعي به متحد رهندا. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گهرن لاڳاپن کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ??اڪ??تان ۾ صنعتون لڳائيندڙ سمورن چيني سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هنگامي بنياد تي رستن جي رابطن ۽ يوٽيلٽيز جهڙن ايشوز کي حل ڪيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني واپاري گلاس، سرامڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ ??يار آهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ناليوار?? موبائيل فون ڪمپني اوپو دنيا جي ناليوارين ٽيڪ مينوفيڪچررز مان هڪ آهي، ??اڪ??تان ۾ به هڪ مقام?? موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ ۽ هڪ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان نه رڳو سمارٽ موبائيل فونز جي سا??يا??ي درآمد تي پرڏيهي جي ذخيرن جي وڌيڪ بچت ٿيندي پر اسان جي ٽيڪ گريجوئيٽس جي لاءِ ??وزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سياسي معاملن وارو خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سي ??يڪ بابت خاص معاون ايم خالد منصور، چين جو سفير نونگ رونگ ۽ مس چن يان سميت ٻيا لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اسان ترجيحي بنيادن تي پاڪستان ۾ چيني واپار جي سپورٽ ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج