اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو، آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير جي رهائشگاهه ??ي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد ??ي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چ??ئرمين آذربائيجان جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چ??ئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربائيجان جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چ??ئرمين آرمينيا کان آزاد ??رايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائيجان ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائيجان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.
پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ