اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر ??طح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ??ميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي ص??ار?? ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اط??اع??ت ۽ نشريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به موجود هئا.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ