اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شروعات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي وا?? 38 ??يڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. وزي??اع??م چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو اح??اس هو?? عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ