اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن خلاف تش??د جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تش??د جي ڪا گنجائش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سردار اياز صادق سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيتر??ئي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀل??ئي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر عورتن خلاف تش??د جي خاتمي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تش??د جي خاتمي ۽ کين سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي: اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد