لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ??ن موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪي??. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪي??. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن س??ن منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪي??. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي سان اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن س??ن منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪي?? ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ??ري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سان امن قائم ڪي?? آهي، اسان شهيدن جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪي?? ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??.
وفاقي گهرو وزير جي چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں