ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. هن ڀيري پاڪست??ن ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد اعظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير وائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خاص مھمان ھو. جاري ڪي?? پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ جو معائنو ڪي?? ۽ باباءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي پاڪست??ن اي??ر فورس جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين لاءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں