اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪ??و آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لا??ِ سيد علي گيلاني جو پختو عزم بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهر??ن سيپٽمبر 2021ع ت?? لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي لا??ِ سيد علي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria