اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فو??ي جنگبندي ۽ معصوم فلسطين??ن کي انساني امداد جي فو??ي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا ??هن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو ??ور?? انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس ??ور?? کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد بحرين جو ??ور?? ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فو??ي جنگبندي ۽ معصوم فلسطين??ن کي انساني امداد جي فو??ي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil