اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ووٽ ڏيڻ حب الوطني جي نشاني آهي، راءِ جو حق استع??ال ڪري ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي جي اليڪشن جي حوالي سان خصوصي ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته تڪ اين اي 46 اسلام آباد – I جي پولنگ اسٽيشن ۾ اڄ ووٽ ڪا??ٽ ڪندڙ سڀ کان پهريون ووٽر هئس. هن چيو ته 12 ڪروڙ پاڪستاني عوام پنهنجي پسند جي اميدوار يا پارٽي کي ووٽ وجهي، ووٽ وجهڻ سان ئي پنهنجي اميدوار جي چونڊ ممڪن آهي. هن چيو ته ووٽ وجهڻ حب الوطني جي نشاني آهي. راءِ جو حق استع??ال ڪري ئي ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پهرين پريس بريفنگ ۾ مون کان پهريون سوال ئي چونڊون منعقد ڪرڻ بابت ڪيو ويو ??و. ??ن چيو ته نگران حڪومت جي پوري عرصي دوران چونڊن جي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پئي ويون، پهرين ڏينهن کان ئي وقت سر چونڊن جي لاءِ هڪ هئاسين. چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اسان ڀرپور ذميو??ري جو مظاهرو ڪيو. چونڊون التوا ڪرڻ جي لاءِ سينيٽ ۾ قرارداد جي مخالفت ڪئي، اڄ چونڊون منعقد ٿيڻ جي حوالي سان سموريون قياس آرائيون ختم ٿي ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ کي بهتر حالت ۾ چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪنداسين، اسان هيستائين پنهنجي ان واعدي تي قائم رهيا آهيون. هن چيو ته نگران حڪومت جي سيڪيورٽي ۽ معيشت سميت ڪيترائي مسئلا پڻ درپيش هئا. نگران ڪا??ينا جڏهن حلف کنيو ته ڊالر جي قيمت 296 رپيا هئا، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 350 کان 400 رپين ۾ ملي رهيو ??و. ??ن چيو ته معيشت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، عوام جي اصل مسئلن تي سڀني جو اتفاق راءِ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته مستقبل جي قيادت جو فوڪس ملڪ جي عوام ۽ معيشت هوندو. هن چيو ته سڀني مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان جي عوام جمهوريت کان مايوس نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته سال 2024ع دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي. پاڪستان جي سموري چونڊ عمل تي سڄي دنيا جون نظرون آهن. 200 کان وڌيڪ غيرملڪي ادارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ صحافي اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود هئا، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪ?? صحافي ۽ مبصر پاڪستان آيل آهن. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته غيرقانوني غيرملڪي رهندڙن جي انخلا جو وڏو مسئلو هو. 6 لک کان وڌيڪ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪي واپس هلي ويا آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي، ان جي معيار کي وڌيڪ بلند ڪنداسين.
ووٽ ڏيڻ حب الوطني جي نشاني آهي، راءِ جو حق استعمال ڪري ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب