ڪوئٽه _ 8 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي. 53 لک 71 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي رائي جو حق استعمال ڪندا. تفصيل مطابق بلوچستان ۾ قومي اسيمب??ي جي 16 جنرل سيٽن تي 429 ۽ صوبائي اسيمب??ي جي 51 جنرل سيٽن تي 1267 اميدوار ميدان ۾ آهن. صوبي ۾ ڪل پنج هزار 26 پولنگ ا??ٽي??ن قائم ڪيون ويون آهن جنهن مان 1651 انتهائي حساس،2249 حساس ۽ 1126 نارمل پولنگ ا??ٽي??ن قرار ڏنيون ويون آهن. بلوچستان ۾ صبح 8 وڳي کان 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي پولنگ عمل جاري رهندو. 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏين??ا. ??يف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان فريد آفريدي مطابق قومي اسيمب??ي جي 16 ۽ صوبائي اسيمب??ي جي تڪ تي مجموعي طورتي 53 لک 71 هزار 947 ووٽ آهن. جنهن مان 30 لک 16 هزار 164 مرد 23 لک 55 هزار 783 عورتون شامل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 5 هزار 26 پولنگ ا??ٽي??نز قائم ڪيون ويون آهن جتي 15 هزار 626 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.
عام چونڊون: بلوچستان ۾ پولنگ جو عمل جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت