اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه جي عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي جنين جي ابن سينا اسپتال تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چي?? ته اهو واقعو اسپتالن جي خلاف غيرانساني جنگ جي سلسلي جو تازه ترين واقعو آهي جيڪو فلسطيني عوام جي خلاف جنگ?? ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چي?? ته اهي جاري ظلم غزه جي ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران طئي ڪيل عارضي قدمن جي روح جي خلاف آهن. ترجمان چي?? ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ مصيبتن جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي لاءِ فنڊز جي معطلي پڻ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي قدمن جي روح جي خلاف آهي جنهن ۾ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چي?? ته اسان غزه ۾ فلسطينين کي درپيش مشڪل حال??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن جو فلسطيني عوام جي تحفظ ۽ حمايت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب فلسطيني عوام جي انساني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو به مطالبو ڪري ٿو. انهن عارضي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ غزه جي عوام کي درپيش مصيبتن جي خاتمي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط ج??گب??دي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ج??گب??دي لاڳو ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي جاري ظلمن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه جي عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن