اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ، 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به لاڳو نه هوندي، 65 سالن کان وڌيڪ عم?? جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن، انهن تي لا??و هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لا??و هوندي. 18 سال کان گهٽ عم?? جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لا??و هوندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں