اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ د??لسار ا??جن??ئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ د??لسار ا??جن??ئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار ا??جن??ئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ د??چسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania