اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيا??ن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مم??ڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ?? لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي ل??ءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفارتخاني جي افتتاح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا جي ل??ءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مم??ڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری