اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ويو ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته مفتي عبدالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سادو ۽ نيڪ انسان هو. هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جي اوچتي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري ق??م جون سموريون همدرديون مفتي عبدالشڪور جي گهرڀاتين سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرح??م جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي صبر جمي?? عط?? فرمائي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم