اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه پاڪستان تنزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزانيه سان معاشي ۽ ??قا??تي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ??قا??تي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون ??را??م ڪري رهيو ??هي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ??را??م ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ??ه نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.
صدر سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے