ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا موجب تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وز??ر ??اڻ?? تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائن?? چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وز??راعظم جو استقبال ڪيو. وز??راعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مشق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.
پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي، وزيراعظم تقريب جو خاص مهمان هو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت