طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ??ن مسافرن کان ??ڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ ب??آمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ??نهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تح?? وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ??تي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غيرملڪي ڪرنسي خاص طور تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان ??ڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان ??ه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.
ڪسٽمز عملدارن جو بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری