اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي رياستي ڪ??ئونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم شهباز شريف ??ان گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو ٻن ڏينهن جو دورو ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي س??ح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ ??ان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻ??هي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي س??ح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻ??هي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ?? علائقائي ۽ عالمي س??ح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري ??ان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جا به امڪان آهن. دوري ??ان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي ??ان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania