اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قطر جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ??ان??وءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف جو قطر جو هي پهريون دورو هوندو. وز??راعظم سان ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو. دوري دوران وز??راعظم قطري قيادت سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون، توانائي بابت تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ڳولڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هو گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. وز??راعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ قطري ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. وز??راعظم دوحه ۾ اسٽيڊيم 974 جو پڻ دورو ڪندو جتي کيس فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ?? خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجهي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. قطر ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني به رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قيادت جي سطح تي باقاعده دورا پاڪستان ۽ قطر جي حصيداري جي سڃاڻپ آهن. وز??راعظم جي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ ان جي وڌندڙ اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ملندي.
وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قطر جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا