اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ ه?? ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ ه?? ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. هن ??يو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي عملي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چ??ڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خبر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.
وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II