??را??ي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??را??ي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري جي ضرورت آهي، واپاري برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??را??ي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 ??ين مائي ??را??ي نمائش جي اف??تا??ي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي اف??تا?? ڪيل گرين لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن کي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري سهولت فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي، اميد آهي ته اهو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو. صدر چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين مقصدن مان هڪ آهي ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري صلاحيت کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور م??ڻهن جي لاءِ مالي ۽ قرض جون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ڪيترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.
ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : números dupla sena