اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه پنهنجي مسلسل نگراني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان نشاندهي ڪندي 16 آڪٽوبر 2021ع ??ي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي ماح??ل ۾ سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پنهنجي نوعيت جو ٽيون ??اق??و آهي جنهن ۾ پي اين لانگ رينج ميري ٽائيم پيٽرول ??يئر ڪرافٽ ذريعي ڀارتي بحريه جي آبدوز جو وقت کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ لڳايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو ??اق??و مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن