اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪور??نا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪند ورا?? ڪور??نا وائرس سبب 40 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حولي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 449 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 53 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرات ۾ 75 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 32 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 845 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 527، پنجاب ۾ 15 هزار 818، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 443، اسلام آباد ۾ 7 هزار 291، بلوچستان ۾ 453، ??لگت بلتستان ۾ 289، آزاد ڪشمير ۾ 1024 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 78 هزار 314 ٿي چڪو آهي.
ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا